اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دورا?? 43 ??هشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتنه الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪا??يا??ي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪا??يا??يون حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13