اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي ل??ڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پ??رلياماني تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ??يو??ن صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نوفاد بن سعيد المالڪي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر سعودي عرب سان اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي ل??ڳا??ا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا ل??ڳا??ا آهن. هن ??يو ته سعودي عرب سان پ??رلياماني تعاون سان پ??ڪ – سعودي عرب ڀائراڻا ل??ڳا??ا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ل??ڳا??ا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفين ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پ??اڻي ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس پاڪستان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين شاهه سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان پ??ران صدر جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو.