برسل?? – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان بيلجيئم ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون اجلاس بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ٻطرفي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سفير جيروئن ڪورمين بيلجيئم پارا?? قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپ?? جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي سياسي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا، قونصلر معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو جامع جائزو ورتو. ان موقعي تي گهڻ رخي فورمز ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي پاڪستان بيلجيئم جي حصيداري تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين پنهنجي گڏيل ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لا??ِ وقت سر مشاورت جي ا??مي?? تي زور ڏنو.