باڪو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي ڇو ته ٻئي ملڪ دوستي جي تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن غير وابسته ملڪن جي تحريڪ جي سر??راهه اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات دوران ??الهائيندي ڪيو.