اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايران پاران مسافر جهاز جي حادثاتي واقعي جو اعتراف سامهون آيو آهي آئون اميد ڪ??يان ٿو ته ان سان ڳڻتي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم جي هدايت تي ايران، سعودي ع??ب ۽ آمريڪا روانو ٿي رهيو آهيان. پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو اهو موقف آهي ته هي خطو وڌيڪ ڇڪتاڻ يا ويڙهه برداشت نه ٿو ڪري سگهي.