اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين د??اني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي اد??رو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چ??لينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ ??ان گڏوگڏ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اد??ري اي پي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.