اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن وانگر لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، هڪ طرف ڪورونا ٻئي طرف ان جا معاشي اثر آهن، اسان کي ٻنهي کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون سبب اڍائي ڪروڙ ماڻهن جو روزگار سخت متاثر ٿيو جيڪي ڏهاڙي يا هفتي جي آمدني تي گ??ار?? ڪن ??ا، سومر کان ر??سٽرڊ بيروزگارن کي به منهنجي فنڊ مان روڪ رقم ملڻ شروع ٿي ويندي، مستحقين کي 12 هزار جي امداد اڳ ۾ ئي جاري آهي، صو??ا ٽرانسپورٽ کولي ڇڏين ڇو ته ان سان غريب ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن پر ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ جو خدشو آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ڪورونا جي صو??تحال جي حوالي سان اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو.