اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪو??ت ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهي، حڪومت جهاز حادثي ۾ رليف ۽ ريسڪيو تي مڪمل ڌيان ڏئي رهي آهي. هتي جاري بيان ??وج?? وفاقي وزير چيو ته عيدالفطر کان اڳ هي هڪ افسوسناڪ حادثو آهي ۽ وزيراعظم عم??ان خان ۽ سندس پوري حڪومتي ٽيم جون دعائون مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مسافرن، جهاز جي عملي ۽ متاثرين جي خاندانن سان گڏ آهن.