تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تربت ۾ 200 بسترن تي مشتمل ٽيچنگ اسپتال، مختلف شاهراهن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب جمعي ڏينهن وزيراعظم تربت ايئرپورٽ جي توسي??، 200 بسترن تي ٻڌل مڪران ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتال تربت، ي??نيورسٽي آف تربت جي فيز 2 ۽ ايم – 8 جي 146 ڪلوميٽر هوشاب – آواران سيڪشن جو پيڙهه جو پٿر رکيو، ان دوران وزيراعظم کي اين – 30 جي 106 ڪلوميٽر ٻن لا??ين واري بسمه – خضدار روڊ تي اڳڀرائي ۽ ڏکڻ بلوچستان لا??ِ ترقياتي پيڪيج جي باري ۾ بريفنگز ڏنيون ويون.