اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار ک?? پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتج??ج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخ??ي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار ک?? پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ و??ڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظ??ت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.