اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي( گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 45 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هز??ر 417 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 45 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 38 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪ??و، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 48 سيڪ??و، ملتان ۾ 38 سيڪ??و، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هز??ر 359 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هز??ر 9، پنجاب ۾ 14 هز??ر 710، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هز??ر 163، اسلام آباد ۾ 5 هز??ر 153، بلوچستان ۾ 568، گل??ت بلتستان ۾ 390، آزاد ڪشمير ۾ 367 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 69 هز??ر 306 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 322 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هز??ر 169 آهي.