اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 11 لڳي 52 منٽن تي قومي اسيمبلي هال پهتو ان دوران ميمبرن ڊيسڪون وڄايون ۽ عمران خان زنده باد جا نعرا هنيا. وزيراعظم سان گڏ شاهه محمود قريشي، مراد سعيد، م??ڪ عامر ڊوگر، پرويز خٽڪ به ايوان ۾ آيا. وزيراعظم ايندي ئي پنهنجو ووٽ وڌو. هن پولنگ بوٿ نمبر ??ڪ مان پنهنجو بيلٽ حاصل ڪيو ۽ ووٽ وڌو ان دوران ميمبرن هڪ دفعو ٻيه?? نعريبازي ڪئي. تنهن هوندي به ريٽرننگ آفيسر کين نعريبازي کان روڪي ڇڏيو. ان دوران ميمب??ن گڏ تصوي??ون به ڪڍرايون.