اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو ??ور?? دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيا??ي حق ڏيڻو پوندو، ڀار?? طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان ??ور?? دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چيو ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.