اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، سعودي ??رب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ سفير طرفان پرڏيهي پاڪستانين جو خيال نه رکڻ ۽ پئسا وٺڻ جي شڪايتن جي جاچ ڪرائي ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين، جيستائين ملڪي ??وا??گي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي تيستائين پرڏيهي پاڪستاني ان فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پنهنجي خاندانن کان ڪيترائي سال پري رهي محنت مزدوري ڪري پنهنجي ملڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، اسان جي سفارتخانن پاران انهن جي تحسين ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ روشن ڊج??ٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته روشن ڊج??ٽل اڪائونٽ ڊگهي عرصي کان هڪ ارب ڊالر جو اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، ان تي رضا باقر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيون ٿا، ان کي اڳتي وڌائن ۽ پرڏيهي پاڪستانين لاءِ روشن ڊج??ٽل ڪار ۽ سماجي خدمت به ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ آهن، جيڪڏهن انهن مان اسان 20 لک تائين به پهچي وياسين ته اهو اڪائونٽ وڌي?? وڌي سگهي ٿو، ان لاءِ مارڪيٽنگ تي غور ڪريو ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ مهارت مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته هتي ڪنهن پنهنجي برآمدا?? وڌائڻ تي غور ناهي ڪيو، ڊگهي مدي واري منصوبابندي ??ي کوٽ به اسان جو الميو رهيو آهي، 30 سالن ۾ ڊالر جي گهٽتائي ۽ ??وا??گي واپار گهٽ ٿيڻ جي ڪري 20 ڀيرا عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پيو، جيستائين اسان جو ??وا??گي واپار نٿو وڌي اوورسيز پاڪستانين تي ڀاڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شوڪت ترين جڏهن پهرين ناڻي وارو وزير ??و تڏهن هن ??وا??گي اوپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ هاڻي اهو ٻيو ڀيرو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته گهرن جي لاءِ عام ماڻهو کي قرض جي فراهمي بئنڪن جي عادت ناهي، امير ??اڻهو کي اها سهولت آرام سان ملي ويندي ??هي ان لاءِ بئنڪن کي پنهنجي عملي جي تربيت جي ضرورت آهي، هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ گهڻي بهتري آئي آهي، هڪ سال جي رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي ۽ ماضي جو سمورو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، تنهن هوندي ??ه اهو گهٽ آهي، اسان کي ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سان روپئي جي دٻاءُ پوندو آهي ان سان واڌ جي شرح ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي ??هي، روشن ڊج??ٽل اهم پروگرام آهي، بئنڪن جهڙي طرح ساٿ ڏنو آهي ان کي ساراهيون ٿا، اسان کي هائوسنگ جي شعبي ۾ بئنڪن جو تمام وڏو ڪردار گهربل آهي.