اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلس?? رابطن جي ضرورت آهي. يو??پي يونين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي وزير انطاليه ڊپلوميسي فورم ??ي اجلاس جي موقع?? تي ترڪيءَ ۾ يو??پي يونين ??ي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ يو??پي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته ??ي ايس پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. ??ي ايس پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ واپار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان ??ي ايس پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽرنيشنل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿاريل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف ??ي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصل?? تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو.