اسلام آباد – په??ين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ په??يون ڀيرو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صور??حا?? ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ امن امان جي صور??حا?? ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ په??يون ڀيرو وڏو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان بلوچستان جي آبادگارن جي مدد سان گڏوگڏ صوبي ۾ زراعت جي ترق?? کي يقيني بڻائيندو.