اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي ??روغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتص??دي ترقي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نامزد سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نامزد سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نامزد سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نامزد سفير چڪريد ڪرچائيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي محمد بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نامزد سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي ??نهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چ??و ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان ڪاروبار ۽ ??اپ??ري تعاون جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ??اپ??ر، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چ??و ته پاڪستان منفرد جيو اقتص??دي حيثيت رکندڙ ملڪ آهي، خطي جا ملڪ ٽرانسپورٽ، ??اپ??ر ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شعبن ۾ پاڪستان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چ??و ته علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتص??دي ترقي ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دوست ملڪن سان بطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪ??و ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.