اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??نگ??مي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي اول??ن ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن جي حوالي سان جائزه اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڪامرس ڊويزن ۽ توانائي ڊويزن جي سيڪريٽرين ۽ سينيئر اهلڪارن شرڪت ڪئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي موجوده روانگي واپار جي ڪاٿي ۾ مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر جو اضافو ممڪن آهي. روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ ممڪن طور تي آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، دوائن، پولٽري، چانور، ڀاڄين ۽ ميون، چمڙي، لوڻ، سنگ مرمر، سرامڪس ۽ سرجيڪل اوزارن سميت 19 مصنوعات تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪامرس ڊويزن ٻڌايو ته سمورن حصيدارن بشمول صنعتڪارن، برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ??دا??ن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا معاشي اشارا مثبت رخ ۾ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??نگ??مي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. حڪومت برآمد ڪندڙن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪامرس ڊويزن کي هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ مقرر پاڪستان جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪامرس ڊويزن ايندڙ ٻن هفتن ۾ اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ فريم ورڪ منظوري جي لاءِ پيش ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ مارڪيٽ ۽ مصنوعات ۾ واڌ آڻڻ موجوده حڪومت جي اول??ن ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ڪاروباري برادري ۾ بيشمار پوٽينشل موجود آهي. ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي اول??ن ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مشاورت سان پاليسين جي جوڙجڪ جي فلسفي تي عمل پيرا آهي ۽ حڪومت ۽ انڊسٽري جي مضبوط پارٽنرشپ جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته جتي هڪ طرف حڪومت ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي اتي حڪومت ڪاروباري برادري کان اميد ڪري ٿي ته اها ان موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏي.