اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ طريقي ۽ ذريعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن ج?? حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن جي ??جل??س جي صدارت ڪ??دي ڪيو. ??جل??س ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود، پي ايس او جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سيد محمد طلحه ۽ ناميارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ??جل??س ۾ بلوچستان کي اسمگل ٿيل تيل جا ملڪ جي معيشت تي اثرن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته پاڙيسري ملڪن مان تيل جي اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ساليانو 60 ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، پي ايس او جي ايم ڊي ??جل??س کي ٻڌايو ته سندس ادارو ماضي ۾ اسمگل ٿيل تيل تي ڀاڙيندڙ ضلعن کي تيل جي فراهمي کي يقيين بڻائڻ لاءِ سپلائي ٻيڻي ڪرڻ جا قدم کنيا آهن، ??جل??س۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي پيٽرول پمپس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ته جيئن گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪندڙن کي سهولت ملي سگهي، اهڙي طرح گلگت ، اسڪردو ۽ سوات ۾ فيول اسٽوريج انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو ته جيئن مقامي آبادي کي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن علائقن ۾ سياحن جي وڌندڙ تعداد کي به سهولت ميسر اچي سگهي. ??جل??س جي شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران تيل جي اسمگلنگ جي حوصلا شڪني لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.