اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائ??جا?? جي موقف جي حمايت جاري رکندو، آذربائ??جا?? سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائ??جا?? جي سفير جي رهائشگاهه تي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آذربائ??جا?? سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ?? اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي ت??اون گڏيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذربائ??جا?? جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪندي چيو ته آذري فوج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائ??جا?? جي موقف جي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذربائ??جا?? جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته آذربائ??جا?? سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي ت??ديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي ت??اون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربائ??جا?? ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي ت??اون جاري رهندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذربائ??جا?? ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربائ??جا?? جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.