اس??ام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳا??يل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت ک?? هر ممڪن مدد فراهم ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳا??يل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، و??يراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.