اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪرونا وائرس بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪرونا وائرس جي ڏس ۾ اڀرندڙ صورتحال تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان چئلينج جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ بابت حڪمت عملي تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي رابطا ڪميٽي جو پنهنجي قيام کانپوءِ هيستائي?? اهو ڇهون اجلاس آهي، اها ڪميٽي ڪرونا وائرس جي صورتحال تي غور جي لاءِ تازو ئي جوڙي وئي آهي