اسلام آباد – 06 اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي شاگردن جي سهولت ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻن ته جيئن شاگرد بنا رڪاو?? پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ ڪرونا وائرس جي ڏس ۾ بينڊ وڊٿ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جي حوا??ي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.