اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سمورين صوبائي حڪومتن کي هدا??ت ڪئي آهي ته ڪوويڊ 19 کان بچاءُ لاءِ ٺاهيل ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي لاءِ مارڪيٽ ايسوسيئيشنز کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو وڃي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي وزير ??سد عمر چيو ته دڪاندارن کي گهرجي ”نو ماسڪ نو سروس“ جي پاليسي کي سختي سان لاڳو ڪن. اسد عمر اين سي او سي کي هدا??ت ڪئي ته اهو معياري آپريٽن?? طريقيڪار (ايس او پيز) کي سختي سان لاڳو ڪندي لاڪ ڊائون کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ منصوبي تي ڌيان ڏي.