اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ احساس لنگر قائم ڪيا پيا وڃن، ا?? ڏس ۾ سنڌ ص??بي جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ احساس لنگر خاني جو آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنه??جي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان قائم ڪيل ان لنگر خاني ۾ روزاني 300 ماڻهن کي کاڌو مفت مه??ا ڪيو ويندو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل لنگر خاني جو افتتاح ڪيو.