اسلام آ??اد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته دنيا جي سامهون سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪار ٻڌائي ته معصوم ڪشميرين تي ظلم، بربريت، جبري گمشدگيون، عورتن جي عصمت دري، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي پيلٽ گنن جي ذريعي نابين بڻائن ڪهڙي جمهوريت آ??ي، وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اسان ڪ??مير مسئلي کي سمورن عالمي فورمن تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻينداسين، پاڪستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪ??ميرين جي سياسي، سفارتي، اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪشمير گهيراءُ ۾ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.