اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي موجوده تسلي بخ?? صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي سان ڪڻڪ جي رليز تي اطمينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر ??ڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي وڏي مقدار سان گڏوگڏ مناسب قي??تن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قي??تن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳاپيل ادارن ??ا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.