ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان بلوچستان جي هر علائقي خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورا وسي??ا استعمال ۾ آڻينداسين، اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ پوئتي پيل علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. هو هتي بلوچستان ج?? صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوباب??دي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ق??مي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ملاقات ۾ شريڪ هئا.