اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ ها??وس??گ، ڪنس??رڪ??ن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو. ها??وس??گ واري وزارت پاران وزيراعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبن جي نتيجي ۾ تعمير ٿيندڙ ها??وس??گ يونٽس ۽ انهن منصوبن جي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز ها??وس??گ اٿارٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪي?? ويو آهي ان جي نتيجي ۾ 38667 يونٽس تعمير ٿيندا. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب روپيا آهي، انهي طرح پاڪستان ها??وس??گ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ?? 5372 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپيا آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت 213.4 ارب روپيا آهي، اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت جو ڪاٿو 112.03 ارب روپيا آهي.