اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين هڪ ??ينهن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ واري رقم 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي خراج تحسي?? پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گذريل هڪ ??ينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران هڪ ??ينهن ۾ موڪلڻ واري هن ??قت تائين جي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. هڪ ??ينهن ۾ آيل ان رقم کانپوءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جو ماپو 4.5 ارب ڊالر کان ٽپي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم جي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪري رهي آهي، هڪ ??ينهن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جنهن جون دليون پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهن، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذريعي سدائين ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. توهان سان واعدو آهي ته ??وج??ده معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان نڪري توهان جي اميدن ۽ لاڳاپن تي پورو لهنداسين، وزيراعظم چيو ته کيس مڪمل يقين آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مستقبل ۾ به پاڪستان جي مدد انهي خلوص جي جذبي سان ڪندا رهندا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ ??وج??ده حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، اسان توهان جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.