اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام سان فيصلي سازي جي ??مل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان جي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي شرح ک?? نظر ۾ رکندي فيصلا سازي ج?? نظام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??و وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وا??و وفاقي وزير اسد عمر، صنعت وا??و وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.