اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي خوبصورت?? قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ عا??مي سياحن علائقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي وار?? تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شر??ع ڪرڻ، علائقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، ??يلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.