اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير حماد ا??هر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ وسيلي موڪليل رق?? 800 ملين ڊالر ک??ن ٽپي وئي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي.