اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس ??ي انجام تائين پهچائڻ تمام گهڻو لازمي ??هي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ??هي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئين سري سان شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.