اسلام آباد ?رامڈ_ادا_کرتا_ہے۔/116917.html">? 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.