اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته او جي ڊي سي ايل لڪي مروت جي ويجهو گئس ۽ تيل جا ذخيرا دريافت ڪري ورتا آهن، جتان 11 ملين ??يم ايس سي ايف ڊي گئس ۽ 950 بيرل آئل روزان?? جي بنياد تي حاصل ٿيندو، هتان نڪرندڙ گئس هيٽنگ ويليو 1150 بي ٽي يو آهي، جيڪو بهترين معيار آهي، س بلاڪ ۾ اها پهرين ??ريافت آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هي ڪاواگڙه فارميشن جي پهرين ??ريافت آهي، او جي ڊي سي ايل پاران ان کوهه کي 4727 ميٽر گهرائي تائين ڊرل ??يو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.