اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحريه يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد ??ور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميش?? ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي جي حوالي سان هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحريه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صدر کي يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين، شعبن ۽ اعليٰ تعليم جي فراهم?? ۾ ??ونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان بحريه يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته م??رڪ??ٽ جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صدر چيو ته يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد ??ور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.