اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان ??سئلي جي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪيءَ جي مضبوط ۽ مسلسل ??مايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيءَ جي دفاع واري وزير حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??زيراعظم عمران خان ??اڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ترڪيءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان ??قصان تي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. پاڪستان ??اران ??ڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي ورجايو. وزيراعظم بطرفي دفاعي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن معاملن خاص طور تي ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي ڀرپور ۽ مسلسل ??مايت تي ترڪيءَ جا ٿورا م??يا. علائقائي معاملن جي حوالي سان ??زيراعظم افغان امن عمل بابت پاڪستان جي موقف کان کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم چي?? ته ڳالهين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏيڻ ??ي ڪوششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪيءَ جي دفاع واري وزير ترڪي جي صدر اردوان ??اران ??زيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪيءَ پاران ??اڪستان جي حمايت کي ورجايو. هن وزيراعظم سان ??لاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ترڪيءَ ??ي ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.