اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خا??مي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهري?? جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدي?? جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدي?? جي آزادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاو?? جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن نقوي قيدي?? جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهري?? جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد ح??مي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي خا??مي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خا??مي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز ̵1; ج/ر – م 17:57