اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن، قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان جي ذميداري آهي، حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي سلامتي جي ايتري ئي ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ??ڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي توسيع لاءِ صرف دفاع واري وزير پنهنجا اختيار ا??تع??ال ڪيا آهن اتي ان معاملي تي ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو، هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ??رڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني جو ڪردار ذميداراڻو هجڻ گهرجي، قومي سلامتي، استحڪام، وقار ۽ تشخص جو تحفظ اولين ترجيح ۽ ذميداري آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آهي.