اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪر??نا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ڪر??نا وائرس رليف فنڊ ۽ ٽائيگرز فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ٿيو ته غريب طبقو گهڻو متاثر ٿيندو، چين جهڙيون معاشي حالتون هجن ها ته پورو ملڪ بند ڪر?? ڇڏيان ها، ملازمن کي بيروزگار نه ڪندڙ صنعتن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، اسان وسيلن ۾ رهندي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪر??نا جي خلاف جنگ هڪ قوم بڻجي کٽي سگهون ٿا، اها بيماري پوڙهن ۽ بيمارن ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿي، ڊفنس ۽ اسلام اباد جا سيڪٽر بند ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪر??نا وائرس جڏهن چ??ن جي صوبي ووهان مان شروع ٿيو ته چين فوري طور تي 2 ڪر??ڙ ماڻهن کي لاڪ ڊائون ڪر?? ڇڏيو ۽ ڪنهن کي به نڪرڻ نه ڏنو ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن ان بيماري تي ضآبطو آندو ته چي?? آندو، هن چيو ته اسان جي م??اشي حالت اهڙي ناهي جو اسان ائين ڪر??ون.