اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام ??ي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪ??مت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ??يگ??واٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪ??مت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪ??مت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪ??مت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪا??و نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪ??مت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.