اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان و??اق?? گادي واري شهر ۾ ماڊل پناهگاهن جي قيام ۽ انهن ۾ فراهم ڪيل معياري سهولتن تي اطمينان ??و اظهار ڪندي چيو آهي ته بي سهارا ۽ ڪمزور ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ مزدورن، بي سهارا ماڻهن جي خدمت کي يقيني بڻايو وڃي، معياري پناهگاهن جي قيام ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان ??ڪومت طرفان ??مورا ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سرندي وارن ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي ويندي، پاڪستاني قوم ۾ خ??مت خلق جو بي پناهه جذبو موجود آهي ۽ حڪومت طرفان ??هڙن ڪوششن جي آجيان ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن و??اق?? گادي واري شهر ۾ قائم پنج پناهگاهن جي اپ گريڊيشن ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ بهترين سهولتن سان ??راسته پناهگاهن جي تفصيلي نيٽ ورڪ جي قيام جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.