سعودي عرب مان امداد جي پهرين اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي وئي

image

اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي پهرين اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي وئي. پرڏيهي آفيس موجب اها کيپ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، ڪراچي ۾ سعودي عرب جي قونصل جنرل بندر فهدالديل پرڏيهي آفيس ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن سان گڏ وصول ڪئي. پاڪستان سعودي عرب پاران ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان جي فراهمي تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن.

مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل