اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي روانگي واپار تي خاص ڌيان جي ڪري ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جولاءِ کان آ??ٽوبر روانگي واپار جو ڪاٿو 9.5 ارب ??الر آهي. هن چيو ته روانگي واپار جو ڪاٿو گذريل سال کان 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مملڪتي وزير چيو ته آڪٽوبر ۾ روانگي واپار ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي سان 2.471 ارب ??الر رهيو. هن چيو ??ه 2.471 ارب ??الر جو رڪارڊ ڪنهن به آڪٽوبر جي مهيني جو سڀ کان بلند رڪارڊ آهي.