اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي ڪرونا وائرس جي وبا کان محفوظ رکڻ ۽ ان جي لاءِ رليف جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيح آهي، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي ر??هه ۾ ايندڙ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صوبن سان تعاون ۽ هم آهنگي سان اڳت?? وڌندي مستحق ماڻهن جي گهرن تائين پهچنداسين، صنعت جو مرحليوار ڦيٿو هلائڻ جي لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جون سفارشون به ڪابينا آڏو رکيون وينديون.